دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال

دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال

دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال

دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال (ڪتاب): هيءُ ڪتاب دادو شهر سان گڏ دادو تعلقي ۾ موجود شهرن، ماڳن ۽ شخصيتن بابت لکيل آهي. ڪتاب جو مرتب محمد عرس ’اظهر‘ سولنگي آهي. ڪتاب ۾ ڪل 9 باب آهن. پهرئين باب ۾ دادو تعلقي جي بيهڪ، ديهون، تپا، سرڪل، شهر جي بيهڪ، شهر جي جوڙجڪ، بازارون، رسـتا، پـاڙا، ڪـالـونـيــون، ڳـوٺ، پـراڻـيـون عمارتون، خطيب، شهر جا معزز، سرڪاري تعليمي ادارا، خانگي تعليمي ادارا، ٻئي باب ۾ دادوءَ جا اولياء ڪرام، فقيهه، معلم، مدرس، اديب، شاعر، سگھڙ، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ ملهه، ٽئين باب ۾ سياستدان، چوٿين باب ۾ ڪلبون، اداڪار، ڳائڻا ۽ پوليس جا شهيدَ، پنجين باب ۾ مزاحمتي تحريڪون: بلاولي تحريڪ، ميانوال تحريڪ خلافت تحريڪ، خاڪسار تحريڪ 1960ع جي ڏهاڪي وارين قومپرست تحريڪن ۽ ايم. آر. ڊي جو احوال، ڇهين باب ۾ سماجي، ادبي ۽ سياسي تنظيمن جو احوال، ستين باب ۾ دادو ضلعي جو آبپاشي نظام، دادو تعلقي جي پتڻن، ڍنڍن ۽ ڍورن، برساتن ۽ ٻوڏن جو احوال، اٺين باب ۾ آفيسرن ۽ ججن بابت معلومات ۽ نائين باب ۾ دادو تعلقي جي طبعي ڀاڱن، زرعي پيدائش، آمدورفت جي رستن، انتظامي ڍانچي، هنرن ۽ دستڪارين، ماڳن مڪانن ۽ ڳوٺن جو احوال شامل آهي.
ليکڪ ڪتاب جي ارپنا پنهنجي امڙ کي ڪئي آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾611 صفحا آهن ۽ ڪتاب جو ملهه 350 روپيا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2006ع ۾ شايع ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو